ڏهس نامون

ڏهس نامون

ڏهس نامون

ڏهس نامون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب لوڪ ادب جي ڄاڻو عالم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو لکيل آهي، جيڪو 1969ع ۾ اسلم سنديلي، قادريه پريس لاڙڪاڻي مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اهم صنف ’ڏهس‘ تي بحث ۽ ان جا مثال شامل ڪيل آهن. ڪتاب جو مهاڳ الهه بخش اين تنيي لکيو آهي، جڏهن ته ٻه اکر ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر سنديلي لکيا آهن. پڪي جلد ۽ ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ 70 صفحا آهن، جنهن جي قيمت اڍائي روپيا آهي


لفظ ڏهس نامونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو